اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وقت سر ويڪسين لڳائڻ ۽ اي?? او پيز تي عملدرآمد سان ڪورونا وائرس ??ي وبا تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، عوام جو رضاڪاراڻي طور تي ويڪسين لڳائڻ سٺي ڳالهه آهي، جنهن جو مثال ترقي يافته ملڪن ۾ به گهٽ ملي ٿو، هندستان جهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ ادارن ۽ عوام کي گڏجي ڪورونا وائرس ??ي وبا کان بچاءُ لاءِ قدمن کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سڄي ملڪ ۾ جاري ڪورونا ويڪسينيشن مهم جي حوالي سان اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.