اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ترڪي ۾ منعقد انطاليه سفارتي فورم جي موقعي تي اقتصادي سهڪا?? تنظيم (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل هادي سليمان پور سان غير رسمي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اقتصادي سهڪا?? تنظيم ۾ پاڪستان جي متحرڪ ڪردار، اي سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان اقتصادي سهڪا?? تنظيم جو باني ميمبر هجڻ جي حيثيت سان علائقائي اتحاد ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ لاءِ ??ر عزم آهي، پاڪستان اقتصادي سهڪا?? تنظيم جي فريم ورڪ جي روشني ۾ ميمبر ملڪن سان گڏيل واپار، اقتصادي ترقي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مصالحاڻيون ڪوششون ڪتب آڻي رهيو آهي.