اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??رونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??رونا وائرس سبب 67 فوتگيون ٿيون جنهن مان 35 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي مل?? ۾3 هزار 582 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 17 سي??ڙو، پشاور ۾ 28 سي??ڙو، لاهور 21 سي??ڙو ۽ اسلام آباد ۾ 38 سي??ڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 53، ڪراچي ۾ 57 سي??ڙو، پشاور ۾ 31 سي??ڙو ۽ اسلام آباد ۾ 35 سي??ڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??ويڊ – 19 جا 49 هزار 798 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 107، پنجاب ۾ 19 هزار 752، خيبرپختونخواهه ۾ 9 هزار 116، ا??لام آباد ۾ 3 هزار 492، بلوچستان ۾ 2 هزار 825، گلگت بلتستان ۾ 936، آزاد ڪشم??ر ۾ هڪ هزار 570 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 44 هزار 275 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 325 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 75 هزار 373 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 43 هزار 277 آهي جن مان آزاد ڪشم??ر ۾ 25 هزار 34، بلوچستان ۾ 30 هزار 627، گلگت بلتستان ۾ 8 هزار 318، ا??لام آباد ۾ 88 هزار 344، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 45 هزار 306، پنجاب ۾ 3 لک 58 هزار 387 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 87 هزار 261 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 529 ٿي چڪو آهي.