اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته آزاد عدليه جي ڪري ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو، قانون جي بالادستي کانسواءِ خوشحالي نه ٿي اچي سگهي، مون انصاف کي مٿانهون ڪرڻ جي لاءِ سياست ۾ قدم رکيو، قانون جي حڪمراني ڪنهن به ملڪ جي ترقي جو بنياد آهي، 2007ع جي وڪيل تحريڪ ۾ شموليت تي فخر هو اها قانون جي حڪمراني جي جدوجهد هئي جڏهن ته ان جا جيڪي نتيجا حاصل ٿيڻ گهرجن ها اهي نه مليا، قانون جي حڪمراني مسلسل جدوجهد سان ممڪن آهي. هو ڊسٽرڪٽ ڪورٽس اسلام آباد جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پڻ خطاب ڪيو. وزي??اع??م ان موقعي تي ٻوٽو پڻ لڳايو. وزي??اع??م عمران خان چيو ته 25 سال اڳ جڏهن سياست شروع ڪئي ته پنهنجي پارٽي جو نالو انصاف جي تحريڪ رکيو. سياست ۾ اچڻ جو مقصد انصاف کي مٿانهون ڪرڻ هو. 1960ع جي هاڪي ۾ پ??ڪس??ان هن خطي ۾ ترقي جي لحاظ کان چوٿين نمبر تي هو، هتي معياري يونيورسٽيون هيون. سرڪاري اسپتالن ۾ بهتر علاج جون سهولتون هيون. 1985ع کانپوءِ پ??ڪس??ان هيٺانهين جو شڪار ٿيو. سنگاپور، بنگلاديش، انڊونيشيا ۽ ڀارت ??سا?? کان اڳتي نڪري ويا. وزي??اع??م چيو ته جڏهن اهي ڀارت جي خلاف ان جي سرزمين تي کيڏي واپس پ??ڪس??ان ايندا هئا ته ائين محسوس ٿيندو هو ته اسرندڙ ملڪ مان ترقي يافته ملڪ ۾ اچي ويا آهيون. اتي غربت هئي. هن چيو ته پ??ڪس??ان جي تنزلي جو هڪ سبب قانون جي حڪمراني نه هجڻ ۽ غريب ۽ امير جي لاءِ جدا جدا قانون هجڻ هو، ڇو ته جيڪا قوم ترقي ڪري ٿي ا??ي قانون جي حڪمراني هوندي آهي. جن ملڪن ۾ طاقت جي حڪمراني هوندي آهي ا??ي قانون ناهي هوندو. هن چيو ته ??سا?? ڇهين کان ڏهين تائين تعليمي ادارن ۾ ٻارن کي سيرت النبي ﷺ پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن انهن کي خبر پوي ته مديني جي فلاحي رياست جو بنياد قانون جي حڪمراني هئي. اها قوم جنهن جي ڪا حيثيت نه هئي ان دنيا جي امامت ڪئي. جيڪڏهن انهن اصولن ??و مطالعو ڪريون جن تي اهي عمل پيرا ٿيا ته ??سا?? کي خبر پوندي ته دنيا ۾ جيڪا قوم به خوشحال آهي ان جو بنيادي سبب قانون جي حڪمراني آهي. هن چيو ته اهو ئي سبب هو جو 2 خلفاءِ راشدين قاضي آڏو پيش ٿيا. وزي??اع??م چيو ته پ??ڪس??ان کان متاثر ٿي جن ملڪن پنهنجو ترقياتي ماڊل آندو اهي ترقي جي رستي تي گامزن ٿي ويا. مون جهڙا ماڻهو جن وٽ خدا جو ڏنل سڀ ڪجهه هو انهن کي سياست ۾ اچڻ جي ضرورت نه هئي پر جيڪڏهن اهي جدوجهد نه ڪندا ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. وزي??اع??م چيو ته ڪير به قانون کان مٿانهون نه آهي. پ??ڪس??ان جو اهو الميو آهي ته هتي غريب ۽ امير جي لاءِ جدا جدا پ??ڪس??ان ۽ قانون آهي. هن ملڪ جي ماضي جي قيادت کي ان سان ڪو غرض نه هو ته ماڻهن کي انصاف ملي. هن چيو ته آمريڪا پنهنجو پاڻ کي انصاف جي عالمي عدالت تحت نه ٿو آڻڻ چاهي اهو پنهنجو پاڻ کي ان کان مٿانهون رکڻ چاهي ٿو پر مهذب معاشرو ان کي قانون جي ماتحت بڻائي ٿو. وزي??اع??م چيو ته هن وقت سڄي مافيا ??سا?? جي حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ گڏ ٿي وئي آهي، اهي بليڪ ميل ڪري اين آر او چاهين ٿا. هن چيو ته جنرل مشرف هڪ آئين ٽوڙيو ۽ ٻيو سڀ کان وڏو ظلم اهو ڪيو ته هن اين آر او ڏنو. ان وٽ اين آر او ۽ معافي ڏيڻ جو ڪو اختيار نه هو. اهو پئسو جنرل مشرف جو نه پر پ??ڪس??ان جي عوام جو هو. هن چيو ته 2007ع جي عدليه بحالي جي تحريڪ ۾ شموليت تي فخر آهي، ان تحريڪ ۾ فوجي آمرن کي چيو ويو ته اهي چونڊيل چيف جسٽس کي نه ٿا هٽائي سگهن پر مون کي افسوس آهي ته ان جا اهي نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا جيڪي حاصل ٿيڻ گهرجن ها. وزي??اع??م چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??اني ??سا?? جو اثاثو آهن، انهن جي دولت پ??ڪس??ان جي جي ڊي پي جي برابر آهي پر اهي پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري نه ٿا ڪن. ڇو ته جيڪڏهن اهي هتي ڪو پلاٽ خريد ڪن ٿا ته ان ??ي قبضو ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ اهي عدالتن ۾ وڃن ٿا ته اتي انصاف نه ٿو ملي. وزي??اع??م عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پاران عوامي مفاد جي بهترين فيصلن ??ي کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ماحوليات جي تحفظ سميت هن اهم فيصلا ڏنا اهن. 1960ع کان 2010ع تائين اسلام آباد ۾ جيتري ترقي ٿي ايتري 2020ع تائين 10 سالن ۾ ٿي. اسلام آباد جي گرين ايرياز کي بچائڻ ۾ عدالتن ڪردار ادا ڪيو. ??سا?? کي پنهنجي ايندڙ نسلن کي آلودگي ۽ ماحوليات آلودگي کان بچائڻو آهي. اها ??سا?? جي قومي ذميواري آهي. هن چيو ته اها ??سا?? جي ذميواري آهي ته ??سا?? پنهنجي ملڪ کي سرسبز رکون، 93 ضلعي عدالتن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ ان ڳالهه جي علامتي آهي ته انصاف ??سا?? جي ترجيح آهي. اهي تمام گهڻو اڳ ٺهي وڃڻ گهرجن ها. انصاف ملڻ سان معاشرو آزاد ٿي وڃي ٿو. عدالتي نظام جي تحفظ جي ڪري سيڙپڪاري اچي ٿي. هن چيو ته هو عدليه کي مڪمل سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو. اسلام آباد مان هي ان جي شروعات آهي. اها ??سا?? جي ترجيح آهي. انصاف سان خوشحالي اچي ٿي. هن سي ڊي اي چيئرمين ۽ ايف ڊبليو پاران ڊسٽرڪٽ ڪورٽس ڪمپليڪس جي عمارت جي تعميراتي لاڳت ۾ ڏيڍ ارب جي بچت ۽ 6 مهينن ۾ ان ڪمپليڪس کي مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ساراهيو.