لاهور – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز کي چئلينج ڪيو آهي ته اها پنهنجي احتساب عدالت جي فيصلي جي خلاف روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي جي لاءِ درخواست ڏي، ٽال مٽول کان ڪم نه وٺي. لاهور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف وڪلا ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مملڪتي و??ير فرخ حبيب حيرت جو اظهار ڪيو ته پهر??ون جوابدار ڏٺو آهي جيڪو هڪ طرف ته عدالتي فيصلي کي غلط قرار ڏئي رهيو آهي ۽ ٻئي طرف هر پيشي تي پنهنجو وڪيل تبديل ڪريو ڇڏي. هن چيو ته تنقيد ڪندڙن کان پڇان ٿو اڄ کان اڳ ڪنهن احتساب جي ڳالهه ڪئي. جن ماڻهن سپريم ڪورٽ تي حملا ڪيا هجن ۽ ٽيليفون تي فيصلا لکرائيندا رهيا هجن اهي اڄ اهو چئي رهيا آهن ته اهو انتقام آهي احتساب نه. فرخ حبيب چيو ته پهر??ون ڀيرو ڏٺو جوابدار عدالتن کان تاريخون وٺي رهيا آهن. پاڪستان جي ادارن ۽ انهن جي سربراهن جي خلاف لفظ بازي ڪئي وڃي ٿي. شريف خاندان جي ٻارن جون ٻاهر اربين رپين جون ملڪيتون آهن. انهن وٽ اهڙو ڪهڙو اله دين جو چراغ آهي جو 18 سالا ٻار به ارب پتي بڻجي ويو. هن جو چوڻ هو ته هن ملڪ جي اندر طاقتور کي پهر??ون ڀيرو خبر پئي ته اهي قانون جي تابع آهن، وڏن وڏن چورن ۽ ڌاڙيلن کي جيلن ۾ وڃڻو پيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير چيو ته شهباز شريف هڪ رپئي جي نه اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. شريف خاندان جو سڄو ڪاروبار جيئڻ مرڻ سڀ ڪجهه ٻاهر آهي. هت?? بس نواز شريف جو معالج ڊاڪٽر عدنان واپس اچي ويو ۽ نواز شريف واپس نه آيو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن جي سڄي جدوجهد پاڪستان جي بقاءَ ۽ ڪرپشن جي خلاف آهي. تحريڪ انصاف جو بنياد ئي انصاف ۽ انسانيت تي آهي. وزيراعظم عمران خ??ن سدائين انصاف ۽ رول آف لا جي ڳالهه ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خ??ن ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته هن ملڪ ۾ قانون ۽ انصاف جو مان مٿانهون ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان جي سياسي جدوجهد جي شروعات وڪيل تحريڪ دوران ٿي هئي. وڪيلن جو انصاف جي معاملي ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته جتي طاقت هوندي آهي اتي احتساب به هوندو آهي. اطلاعات ۽ نشريات اوري مملڪتي و??ير چيو ته اسان جي حڪومت قانونسازي تي ڪم ڪري رهي آهي ماڻهن کي سستو ۽ فوري انصاف ڏيڻ چاه??ون ٿا. وزيراعظم عمران خ??ن جو ويزن ڪليئر آهي. وزيراعظم عمران خ??ن حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان ۾ طاقتور جو پهر??ون ڀيرو احتساب ٿي رهيو آهي. قانون واري وفاقي و??ير بئريسٽر فروغ نسيم خطاب ڪندي چيو ته قانونسازي ڪئي وئي آهي. عملدرآمد وڪيلن جو ڪم آهي. قانون واري و??ير جي حيثيت سان ميرٽ کان هٽي ڪري ڪجهه ناهي ڪيو. فروغ نسيم چيو ته ماڻهن ڌڪا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر وزيراعظم عمران خ??ن جي ڪري اڄ به قانون وارو و??ير آهيان. انون واري وفاقي و??ير ٻڌايو ته ٿوري عرصي ۾ سوا لک کان ڏيڍ ڪيس اڪلايا ويا. هن چيوت ه وڪيلن ۽ ججن کانسواءِ قانونن تي عملدرآمد ممڪن نه آهي. سستي ۽ فوري انصاف کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ وڪيلن کي اڻٿڪ محنت ڪرڻي پوندي ۽ محنت کانسواءِ ڪو شارٽ ڪٽ نه آهي. قانون واري وفاقي و??ير چيو ته اسان جي ويڙهه ڪوڙ ۽ بدنيتي سان آهي. قائداعظم محمد علي جناح پڻ اڻٿڪ محنت جو درس ڏنو آهي. قانون واري وفاقي و??ير فروغ نسيم چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ انصاف سان ئي ملڪ کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر چيو ته اسان وڪيلن کانسواءِ اڳتي نه ٿا وڌي سگهون. وزيراعظم عمران خ??ن سان منهنجو تعلق سندس انصاف حاصل ڪرڻ جي مشن جي ڪري آهي. وڏي وڏي مافيا انصاف حاصل ڪرڻ جي مشن ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن. انصاف جي نظام جي درستگي وقت جي اهم ضرورت آهي. فوري سستي انصاف جي فراهمي جي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۾ وڪيل ڪردار ادا ڪن.