اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انس??ني همدردي جي بنياد تي واهگا بارڊر جي رستي ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون افغان ٽرڪن جي ذريعي افغانستان منتقلي جي اج??زت ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان موجب پاڪستان انس??ني همدردي جي بنياد تي افغان عوام کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي غرض سان ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون واهگا بارڊر ۽ طورخم جي رستي افغان ٽرڪن جي ذريعي افغانستان منتقلي جي اج??زت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو مجوزه انس??ني امداد ۾ سهولت جي فراهمي لاءِ حڪومت پاڪستان جي عزم ۽ سنجيدگي جو ثبوت آهي. ان فيصلي سان پرڏيهي وزارت ۾ ڀارتي ناظم الامور کي آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي حڪومت تي به زور ڏنو ويو ته هو افغانستان کي انس??ني امداد جي فراهمي ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ ضرور?? قدم کڻي.