اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريش?? سان ”دعوت اسلامي“ جي 8 رڪني وفد پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ حاجي يوسف سليم، احتشام عطاري، سليم بلال، محمد عمران، آصف پولاني، اختر اسماعيل ۽ يوسف سليم شامل هئا. دعوت اسلامي جي وفد پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ته ”دعوت اسلامي“ هڪ غير سياسي تنظيم آهي جيڪا سڄي دنيا ۾ دعوت ۽ تبليغ سان گڏوگڏ فلاحي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندي آهي، دارالمدينه اسڪول سسٽم دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ تعليم ۽ تربيت جو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي. حاجي سليم عطاري پرڏيهي وزير کي ٻڌايو ته ٻوڏ، قدرتي آفتن خاص طور تي ڪو??ونا وائرس جي وبا دوران دعوت اسلامي متاثرين جي دل کولي مدد ڪئي. هنن پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ته دعوت اسلامي ”ٿيليسيميا فري پاڪستان“ جي فلاحي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ هن وقت تائين ٿيليسيميا جي مريضن کي رت جا 42 هزار بيگ عطيا ڪري چڪي آهي، پرڏيهي وزير دعوت اسلامي جي فلاحي سرگرمين ک?? ساراهيندي چيو ته اسلام، ڀائيچاري، محبت ۽ اخوت جو درس ڏي ٿو. هن چيو ته افغانستان هن وقت شديد معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، حڪومت پاڪستان جهازن جي ذريعي ۽ زميني رست?? سان انساني امداد ۽ دوائون افغانستان موڪلي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان 38 ملين آبادي جو ملڪ آهي، گذريل ٻن سالن کان اتي ڏڪار جهڙي صورتحال آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انساني همدردي جي بنياد تي افغان شهرين جي فوري امداد کي يقيني بڻايو وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان افغان شهرين جي انساني بنيادن تي مدد لاءِ عالمي برادر?? سان مسلسل رابطي ۾ آهيون. اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري، ماضي جي غ??طي?? مان سبق حاصل ڪندي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيندي. وفد پرڏيهي وزير کي مرڪز فيضان مدينه ڪراچي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن ٿور?? سان گڏ قبول ڪري ورتي.