اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته او آ??ِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو غير معم??لي اجلاس افغانستان جي لاءِ ف??ري انساني ۽ اقتصادي ??مداد جي ضرورت تي ڌيان ڏيڻ ۾ ڪام??اب رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اها ڪانفرنس اسان جي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڀلائي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم جو عڪاس آهي، معيد يوسف چيو ته اسان اجلاس کي ڪام??اب بڻائڻ ۾ سمورن مسلمان ملڪن، سهڪاري ملڪن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا. هن ڪانفرنس جي ڪام??اب انعقاد تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيهي وزارت جي سم??ري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي.