اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن گذريل سال پنهنجي وچ ۾ ٿيڻ واري ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم عمران خان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن پاران ڏنل ان بيان جي آجيان ڪئي جنهن ۾ هن چي?? ته حضور نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي اظهار آزادي جي راءِ نه پر مذهبي آزادي جي خلاف ورزي آهي، وزيراعظم چي?? ته هو جنرل اسيمبلي کان پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن جي خلاف نفرت ڦهلائڻ واري معاملي کي تسلسل سان اجاگر ڪندو رهيو آهي ۽ ان جي سنگين اثرن جي حوالي سان دنيا کي آگاهه ڪندو رهيو آهي، وزيراعظم چي?? ته روس سان گڏ پاڪستان جي ٻطرفا لاڳاپا بهتري طرف گامزن آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، اقتصادي لاڳاپا ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد پڄاڻي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳوا??ن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ، اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ افغانستان بابت معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم چي?? ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي استحڪام لاءِ انتهائي اهميت جو حامل آهي. هن چي?? ته افغانستان کي انساني ۽ اقتصادي چئلينج درپيش آهن، ۽ افغانستان جي عوام کي ان مشڪل مرحلي تي عالمي برادري جي تعاون جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان افغان عوام جي سخت ضرورتن کي پور?? ڪرڻ لاءِ افغانستان جا مالي اثاثا بحال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چي?? ته هو روسي صدر جي پاڪستان دوري ۽ پاڻ به مناسب وقت تي روس جو دور?? ڪرڻ جو منتظر آهي.