بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پاڪ??تا?? ۽ چين خطي جي امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي ملڪن افغان??تا?? ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري تي فوري قدمن تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ سان بيجنگ ۾ عظيم عوامي هال ۾ ملاقات ڪئي. اها وزيراعظم عمران خان جي آڪٽوبر 2019ع ۾ چين جي دوري کانپوءِ پهرين ملاقات هئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ٻطرفي تعاون جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ خوشگوار ماحول ۾ علائق??ئي ۽ عالمي اهميت جي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ 24 هين اولمپڪ سرم??ئي گيمز جي ڪامياب ميزباني تي چين جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ چين جي نئين سال جي شروعات تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو ته چين پاڪ??تا?? جو ثابت قدم دوست، ڀروسي جوڳو حامي ۽ مضبوط ڀاءُ آهي، پاڪ??تا?? ۽ چين جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري سدائين آزمائش جو مقابلو ڪيو ۽ ٻئي ملڪ پنهنجي ويزن، خوشحالي، ترقي ۽ امن ۽ استحڪام جي گڏيل خواهش کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ گڏ بيٺل رهيا. وزيراعظم عمران خان چيني صدر کي عوام جي محور تي ٻڌل جيو اڪنامڪ سوچ ۽ ان جي حڪومت جي پاڪ??تا?? ۾ پائيدار ترقي، صنعتي ترقي، زراعت ۾ جدت آڻڻ ۽ علائق??ئي رابطن بابت پاليسين کان آگاهه ڪيو. هن پاڪ??تا?? جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ چين جي تعاون ۽ مدد کي ساراهيو جنهن ۾ سي پيڪ جي اعليٰ معياري ترقي مان فائدو کنيو ويو آهي. وزيراعظم سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي جي آجيان ڪئي جنهن جو محور انڊسٽريلائيزيشن ۽ عوام جي زندگي جي معيار ۾ بهتري آهي. وزيراعظم عمران خان چين جي صدر کي دنيا ۾ وڌندڙ قطبيت کان آگاهه ڪيو جنهن سان عالمي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿيا آهن. هن موسمياتي تبديلي، صحت، قدرتي آفتن ۽ وڌندڙ عدم برابري جهڙن چئلينجز کي پڻ اجاگر ڪيو جن سان رڳو گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن موجب سمورن ملڪن جي غيرمشروط تعاون کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، ان سلسلي ۾ هن چيني صدر جي بيلٽ اينڊ روڊ ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽيو کي ساراهيو جيڪو پائيدار ترقي ۽ هدفن جي ڪاميابي لاءِ گڏيل قدم قرار ڏنو وڃي ٿو. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ??سل??ل ظلمن ۽ هندوتوا ذهنيت تي ٻڌل آر ايس ايس، بي جي پي جي اقليتن جي خلاف ظلم ۽ ڏاڍ کي اجاگر ڪيو جيڪو علائق??ئي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته ڀارت جي ??سل??ل فوج ڪشيءَ علائق??ئي امن جي لاءِ خطرو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪ??تا?? ۽ چين جي وچ ۾ حصيداري خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو سهارو آهي. هن چين پاران پاڪ??تا?? جي خودمختياري، علائق??ئي سالميت، آزادي ۽ قومي ترقي جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان سمورن اهم معاملن تي چين جي مڪمل حمايت جي پاڪ??تا?? جي عزم کي ورجايو. ڌرين ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغان??تا?? سان خطي ۾ معاشي ترقي ۽ رابطن کي فروغ ملندو. هنن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان??تا?? ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان??تا?? جي فوري مدد ڪري. ٻنهي اڳواڻن صنعتي، خل??ئي ۽ ويڪسين جي فراهمي سميت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ??مي??نٽي جي تعمير جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ کي پاڪ??تا?? جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.