اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي دعوت تي برٽس هاءِ ڪمشنر ڪرسچئين ٽرنر چشمه رائيٽ بئنڪ ڪينال تربيلا جو دورو ڪيو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏ صوبائي اسيمبلي ميمبر عاقب الله خان، ڪورٽ چيئرمين چوڌري اختر، واپڊا چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اعليٰ آفيسرن برطانوي هاءِ ڪمشنر جو تربيلا ۾ استقبال ڪيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ برطانيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته منهنجو برٽش ڪائونسل پاڪستان سان پراڻو تع??ق آه??، پاڪستان برطانيه سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جوخواهشمند آه??، مو??ود?? حڪومت برٽس ڪائونسل جي تعاون سان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ جاري منصوبن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مو??ود?? حڪومت تع??يم يافته انفرادي قوت پيدا ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آه??، برٽس ڪائونسل پاران فني، پيشيوراڻي تع??يم ۽ ٻين تع??يمي شعبن ۾ تعاون واکاڻ جوڳو آه??، حڪومت پاڪستان تع??يمي شعبي ۾ برطانيه پاران تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. اسپيڪر اسد قيصر چشمه رائيٽ بئنڪ منصوبي جي باري ۾ برٽس هاءِ ڪمشنر کي آگاهه ڪيو، ملاقات کانپوءِ برطانوي هاءِ ڪمشنر ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر واپڊا گيسٽ هائوس تربيلا ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم ۾ حصو ورتو. ان مو??عي تي بريفنگ ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر کي ٻڌايو ويو ته تربيلا ۾ وڻڪاري مهم ۾ 15000 ٻوٽا پوکڻ جو منصوبو آه??، برطانوي هاءِ ڪمشنر مو??ود?? حڪومت جي عوام دوست ماحول لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي، ان مو??عي تي اسپيڪر پاران برطانوي هاءِ ڪمشنر جي اعزاز ۾ مانجهاندو به ڏنو ويو. ان کانپوءِ واپڊا ڪالوني تربيلا ۾ واپڊا چيئرمين ليفٽننٽ جنرل (ر) مزمل حسين تربيلا ڊيم تي برطانوي هاءِ ڪمشنر ۽ اسپيڪر اسد قيصر کي بريفنگ ڏني.