اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پ??ڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي سلسلي ۾ اسلامي ميمبر ملڪن جا وفد اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، مصر جو پ??ڏي??ي وزير 24 سالن کانپوءِ پاڪس??ان آيو آهي جڏهن ته اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل ??سين ابراهيم طحهٰ به سو??ر جي صبح اسلام آباد پهچي ويو آهي. اسلام آباد ايئرپورٽ تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ پاڪس??ان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي بين مذاهب ۽ هم آهنگي ۽ وچ اوڀر بابت خاص نمائندي حافظ محمود طاهر اشرفي سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسلامي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل ??سين ابراهيم طحهٰ چيو ته پاڪس??ان جو عالم اسلام ۾ اعليٰ مقام آهي، پاڪس??ان ۾ ڪجهه مهينن ۾ ٻه ڀيرا عالم اسلام جي پ??ڏي??ي وزيرن جو اچڻ پاڪس??ان جي مقام کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته پ??ڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس عالم اسلام جي مسئلن، مسلمان امت جي صورتحال ۽ عالمي دنيا جي حالتن تي اهم فيصلا ڪندو. مصر جو پ??ڏي??ي وزير سامع شڪري چيو ته پاڪس??ان ۽ مصر ٻه ڀائر ملڪ آهن، پاڪس??ان مصر جا لاڳاپا مضبوط آهن ۽ انتهاپسندي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ مسلمان امت جي وحدت ۽ اتحاد لاءِ پاڪستان، مصر گڏجي ڪم ڪندا. پاڪس??ان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي خاص نماندي حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جو اجلاس پوري قوم لاءِ فخر جوڳو آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي معزز مهمانن کي خوش آمديد چئي ٿي. هن چيو ته اسلام آباد کان مظلوم ڪشميرين، فلسطينن جي ڳالهه ٿيندي ۽ امت جي مسئلن لاءِ عملي لائحه عمل ملندو، هڪ سوال جي جواب ۾ حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جا مهمان مخالف ڌر جا ميمبر هوندا، انهن پاران مثبت رويو سامهون آيو آهي، مخالف ڌر اسلامي تعاون تنظيم جي حوالي سان جيڪو پڌرنامو جاري ڪيو آهي اهو درست رخ ۾ قدم آهي.