اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) قازقستان جي نائب وزيراعظم مختار تلبردي چيو آهي ته مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ اتفاق ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ گڏيل حڪمت عملي وقت جي ضرورت آهي، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ??شمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جو حل ضروري آهي. قازقستان ۽ ايشيا گروپ جي نمائندي طور اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي قازقستان جي نائب وزيراعظم چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي پاڪستان ??ي بهترين ميزباني تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن وقت دنيا کي عالمي سطح تي ڪيترائي تڪرار درپيش آهن. روس يوڪرين تڪرار سان عالمي معيشت دٻاءُ جو شڪار آهي. هن چيو ته قازقستان ??شمير مسئلي جو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻو حل ??اه?? ٿو، ان سان ??ڏوگڏ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو پڻ منصفاڻو حل ??اه?? ٿو. هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن سان پائيدار لاڳاپا قازقستان جون ترجيحون آهن. ملڪن جو هڪ ٻئي تي دارومدار وڌي رهيو آهي. فيڪ نيوز مذهبي ۽ نسلي نفرت جو سبب بڻجي رهي آهي. افغانستان جي صورتحال تي اسان ??ي ڳڻتي آهي. افغانستان ??ي انساني بن??ادن تي فوري امداد جي ضرورت آهي.