اسلام آباد – 13 – اپريل (اي پي پي) متحده عرب ??مارات جي صدر شيخ خليفا بن زايد النهيان محمد شهباز شريف جي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ??وئ??ٽ ۾ هن وزارت عظميٰ جي چونڊ کٽڻ تي شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني، جڏهن ته هڪ ??وئ??ٽ ۾ متحده عرب ??مارات جي نائب صدر شيخ محمد بن راشد النهيان به شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ابوظهبي جي ولي عهد ۽ اماراتي هٿياربند فوج جي نائب سپهه سالار شيخ محمد بن زايا النهيان به محمد شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.