اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف سان آمريڪي ڪانگريس ميمبر ال??ان عمر ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان جي عزم ۽ همت ۽ سياسي جدوجهد کي ساراهيندي وز??راعظم شهباز شريف پاڪستان جي ??هر??ن دوري تي سندس شاندار آجيان ڪئي. وز??راعظم اميد ظاهر ڪئي ته ان سان پاڪستان ۽ آمريڪي عوام جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا ۽ پاڪستاني پارليامينٽ ۽ آمريڪي ڪانگريس جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي سگهه ملندي. وز??راعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ گڏيل احترام، اعتماد ۽ برابري تي ٻڌل ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري رابطن سان خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي ته آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي، وز??راعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وز??راعظم پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان قومي ترقي ۽ واڌويجهه ۾ ان جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وز??راعظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني ??قن جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو جنهن سان خطو پنهنجي اقتصادي صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهي ۽ سماجي ترقي کي فروغ ڏئي سگهي. وز??راعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم ڏکڻ ايشيا ئي پنهنجي ترقي تي ڀرپور ڌيان ڏئي سگهي ٿو. وز??راعظم وڌيڪ چيو ته اسلامو فوبيا جهڙي برائي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ڪانگريس ميمبر ال??ان عمر وز??راعظم جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي دوري سان پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ڪانگريس جي عورت ميمبر ال??ان عمر 20 کان 24 اپريل 2022ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ قيادت سان ملاقاتن کانسواءِ هو لاهور ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪندي ته جيئن پاڪستان جي ثقافتي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي صلاحيت کي وڌ کان وڌ سمجهي سگهي.