اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جاپان سان واپار، سيڙپڪاري، ٽيلي ڪميونيڪشن، خوراڪ، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي ح??وم?? جي پڪي عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم آفيس ۾ انڊس موٽر ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جمالي سان ملاقات ڪئي، پ??ڪس??ان ۾ جاپاني سفير مٽسو هيرو واڊا پڻ ملاقات ۾ موجود هو. 1989ع کان پ??ڪس??ان ۾ انڊس موٽر جي سيڙپڪاري کي ساراهيندي وزيراعظم لوڪلائيزيسن، نئين مصنوعات جي حوصلا افزائي ۽ نئين ٽيڪنالاجيز جهڙوڪ هائبرڊ ۽ اليڪٽرڪ وهيڪلز کي جلد متعارف ڪرائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ح??وم?? جي ڪاروبار دوست پاليسين کي اجاگر ڪندي وزيراعظم جاپاني ڌر تي زور ڏنو ته هو اهڙن موقعن مان فائدو کڻندي پ??ڪس??ان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائين. ان کان اڳ وزيراعظم سان جاپان جي اهم ڪمپنين جي وفد پن ملاقات ڪئي جنهن دوران وزيراعظم جاپان سان خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيلي ڪميونيڪشن، خوراڪ، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي ح??وم?? جي پڪي عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ توانائي واري واري وفاقي وزير خرم دستگير، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پ??ڪس??ان ۾ جاپاني ڪمپنين کي درپيس مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ خصوصي ڪميٽي پڻ جوڙي جنهن جو مقصد پ??ڪس??ان ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ آهي.