اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??يو آهي ته پاڪستان کي مستقبل ۾ اعليٰ مقام ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جيو پوليٽيڪل اثرن کان سڌو سنئون متاثر ٿي رهي آهي، ان صورتحال ۾ اسان کي پنهنجي جاگرافيائي مقام کي استعمال ڪري بهترين موقعا ڳولڻا پوندا، پاڪستان اهڙي خطي ۾ آهي جتي دنيا ۾ ٿيندڙ تبدليون سڌيون اثر??ند??ز ٿينديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز جي 49 هين يوم تاسيس جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، پرڏيهي وزير ??يو ته اسان کي قوم طور پاڪستان کي بهترين پوزيشن ۾ آڻڻو آهي، اسان جا چين سان مضبوط لاڳاپا آهن، سي پيڪ سان خطي ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون، اقتصادي ۽ سفارتي سطح تي اسان وٽ صلاحيت موجود آهي، هن ??يو ته پاڪستان ماضي ۾ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان هاڻي به عالمي طاقتن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، بلاول ڀٽو زرداري ??يو ته اسان جي ماڻهن ۾ ايتري صلاحيت آهي ته هو دنيا ۾ ڪٿي به ڪم ڪري سگهن ٿا، اسان جي پنهنجي نوجوانن لاءِ ترقي جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن ??يو ته پرڏيهي پاليسي جو سڌو سنئون اثر هر پاڪستاني جي زندگي تي پوندو آهي، اسان کي سوچڻ جي ضرورت آهي ته اسان هن وقت ڪٿي بيٺل آهيون، نوجوانن کي مثبت ??رگ??مين ۾ مصروف رکڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??يو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز جي يوم تاسيس جي تقريب ۾ شرڪ?? سندس لاءِ اعزاز آهي، ڇو ته ان اداري جو بنياد سندس ناني اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو هو، هن ??يو ته پرڏيهي وزارت انسٽيٽيوٽ سان ويجهو تعاون جاري رکندي جنهن جو مقصد ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي بهتر بڻائڻ آهي، هن ??يو ته اسان کي پاڪستان جي عوام کي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين کان آگاهه رکڻ ۽ پنهنجي موقف کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت سان تڪرارن جو ذڪر ڪندي ??يو ته ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي پنهنجي هڪطرفي قدمن جي ذريعي ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ??يو ته ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا قدم کڻي رهيو آهي جڏهن ته مئي ۾ حد بندي ڪميشن جا قدم ان جي هڪ ڪڙي آهي. پرڏيهي وزير ??يو ته ڀارت جي موجوده حڪومت هندوتوا ايجنڊا تي ??رگ??م آهي، اسلامو فوبيا ۽ بي جي پي اڳواڻن جي تازي ريمارڪس سان سنگين ماحول پيدا ٿي رهيو آهي ۽ ڀارت ۾ هندوتوا جي نظريي کي بالادست بڻايو پيو وڃي، هن ??يو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت کي مسئلا گذريل حڪومت کان ورثي ۾ مليا آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي.