اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي اهي ته اهي ملڪ ۾ سستي بجلي پيدا ڪري گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي ريليف پهچائڻ جي لاءِ موثر نظام جوڙين، ريلوي واري وزارت اف??ان??تان مان درآمد ٿيل ڪوئلو جلد کان جلد پاور پلانٽس تائين پهچائڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي جڏهن ته وزيراعظم درآمدي عمل کي تيز ڪرڻ جي لاءِ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ اف??ان??تان مان درآمد ٿيل ڪوئلي جي چرپر جو نظام بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، توا??ائ?? واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، منصوباب??دي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث بخش پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عالمي منڊي ۾ ڪوئلي جي وڌندڙ قيمت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان کي ملڪ ۾ ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس مان مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ جو بنيادي سبب قرار ڏنو. وزيراعظم ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ جي لاءِ اف??ان??تان مان اعليٰ ڪوالٽي جو ڪوئلو ڊالرز بدران رپين ۾ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان سان نه رڳو سستي بجلي پيدا ڪرڻ پر ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته شروعاتي طور تي رڳو ساهيوال ۽ حب پاور پلانٽس جي لاءِ ??هربل ڪوئلي جي اف??ان??تان مان درآمد تي امپورٽ بل ۾ ساليانو 2.2 ارب ڊالر کان وڌيڪ بچت ٿيندي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي ان مقصد جي لاءِ موثر نظام جوڙين ته جيئن ملڪ ۾ سستي بجلي پيدا ڪري گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي ريليف په??ائ?? سگهجي. وزيراعظم ريلوي واري وزارت کي به هدايت ڪئي ته اها اف??ان??تان مان درآمد ٿيل ڪوئلي جي پاور پلانٽس تائين جلد کان جلد پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي. وزيراعظم درآمدي عمل تيز ڪرڻ جي لاءِ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن جي ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي.