ملتان – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري دفاعي تجزيه نگار ۽ تعليمي ماهر پروفيسر علي سخن ور چيو آهي ته ڀارت آرٽيڪل 370 ۽ 35 ا?? جو خاتمو ڪري ڪشمير جي حوالي سان سڄي خطي جي صورتحال کي عدم استحڪام جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ڄم??ن ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جا تمام وڏا منفي اثر پوندا. هن چيو ته ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. 1989ع کان وٺي هيستائين ڀارتي فوجين هڪ لک ڪشميرين کي قتل ڪيو، 7 هز??ر کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست دوران ماريو ويو، 11 هز??ر کان وڌيڪ عورتن کي بي حرمت?? جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته 11 لک کان وڌيڪ ٻارن کي يتيم ۽ اٽڪل 23 هزار عورتن کي بيواهه ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري ان بدترين صورتحال جو نوٽيس وٺي ته جيئن ڪشميرين جي آزاد?? جو خواب پورو ٿي سگهي.