ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي محنت ۽ افرادي قوت واري صوبائي وزير سعيد غني 5 آگسٽ ڪشمير استحصال ڏه??ڙي جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن ايسٽ تحت ٿيندڙ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي جي شروعات پيپلز چورنگي کان ٿي، شرڪت ڪندڙن مزار قائد وي آءِ پي گيٽ تائين مارچ ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير گيانچند، سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، خصوصي صلاحڪار صادق ميمڻ، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، ڊي سي ايسٽ راجا طارق چانڊيو، ايڊمنسٽريٽر ايسٽ رحمت الله شيخ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. ريلي ۾ مختلف اسڪولن ??ي ٻارن به شرڪت ڪئي. ريلي جي شروعات تي صبح 9 وڳي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اڄ سڄي پاڪستان ۾ ڪشمير استحصال ڏه??ڙو ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي ۽ ڀارتي آئين والاريل ??شمير تي لاڳو ڪيو. هن چيو ته ڪشمير استحصال ڏه??ڙو ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان پنهنجي ٻارن کي ٻڌايون ته هي ڏينهن اسان ڇو ملهائيندا آهيون. صوبائي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته اسان کي جيڪڏهن ڪشميرين جي آزادي گهرجي ته هڪ هزار سالن ??ائين به وڙهڻو پيو ته اسان وڙهنداسين، اڄ اسان جو اهو نعرو آهي ته ڪشمير بڻجندو پاڪستان. انشاءَ الله اهو ضرور پورو ٿيندو. تقريب جي پ??اڻي تي اسڪول جي ٻارڙن ۽ ٻارڙين قومي گيت پيش ڪيا.