اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪيدمي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”جعلي خبرن جو رجحان“ جي حوالي سان خصوصي مڪالمو منعقد ڪيو ويو. ميڊيا ماهر مسرور گيلاني جعلي خبر?? جي منفي رجحان تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن سان ميڊيا جي مختلف شعبن، تربيتي ادارن سان گڏوگڏ سرڪاري آفيسر?? جي وڏي انگ فائدو کنيو. مسرور گيلاني جعلي خبر?? جي وجود بابت تفصيلي ڳالهائيندي غلط معلومات، غلط اطلاعات ۽ جعلي خبر?? جي تعريف جي وضاحت ڪئي ۽ ان مسئلي کي ا?? جي صحيح ڏس ۾ سمجهڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن جعلي خبر?? جي رجحان کي نفسياتي، مالي ۽ سياسي محرڪات سان ڳنڍيو. هن چيو ته جديد ۽ ضروري اوزارن سان ليس خابرو ادارن ۽ ميڊيا گذريل سالن ۾ حقيقت?? جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار ۽ نظام جوڙيو آهي ته جيئن حقيقتن تي ٻڌل ??بر?? جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. هنFactChecker, FactkCheck.org,Snopes واشنگٽن پوسٽ جي هفتيوار بلاگ، سينٽ پيٽرز برگ ٽائيمز مان PolitiFact.com ۽ PunditFact کي حقيقت?? جي ڇنڊڇاڻ ڪندڙ ادارن طور حوالو ڏنو. هن چيو ته اي ايف پي، اي پي، رائٽرز، بي بي سي ۽ ٻيا خابرو ادارا باقاعدگي سان فيڪٽ چيڪ رپورٽس شايع ڪن ٿا. اهڙي طرح پاڪستاني اخبارون دي نيوز، ڊيلي ڊان، ??يڪ??پريس ٽربيون، ڊيلي پاڪستان ۽ ڪجهه ٽيليويزن چينلز به حقيقت?? جي ڇنڊڇاڻ ڪري رپورٽون شايع ڪن ٿا يا انه?? جي ويب سائيٽس تي حقيقت?? جي ڇنڊڇاڻ جو سيڪشن هوندو آهي. هن چيو ته تربيت هيٺ آفيسر انهن رپورٽس جو مطالعو ۽ انهن مان فائدو کڻي سگهن ٿا ته جيئن خبر?? جي جائزي بابت انه?? جي علم ۾ اضافو ٿي سگهي. بعد ۾ سوال ۽ جواب جو سيشن ٿيو جنهن دوران مسرور گيلاني سوشل ميڊيا تي رپورٽس ۽ تصويري مواد جي حقيقت جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽولز جي وضاحت ڪئي. سيش?? جي پڄاڻي تي ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي مهمان مقرر ۽ ٻين تربيتي ادار?? جي شرڪت ڪندڙن کي سووينئرز پيش ڪيا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي مختلف ذيلي ادار?? جي سينيئر آفيسرن به خصوصي مڪالمي ۾ شرڪت ڪئي.