اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صارف جي اپيل منظور ڪندي نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي بئنڪ فراڊ ڪيس ۾ بدانتظامي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته بئنڪ پنهنجي کاتيدارن جي محنت سان ڪمايل رقم جي ن??هب??ن ۽ امانتدار آهي، بئنڪنگ قانونن موجب ڪاررواين کي مڪمل ڪرڻ شهرين جي نه پر مئنيجر جي ذميواري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ايبٽ آباد جي رهائشي عاشق حسين جي اپيل منظور ڪندي چيو ته دوکي سان هڙپ ڪيل رقم صارف کي منافعي سان گڏ واپس ڪئي وڃي. هن چ??و ته نيشنل بئنڪ جي سينيئر انتظاميا بئنڪ برانچ ۾ ايماندار بئنڪ عملدار مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هڪ سادي ۽ اڻپڙهيل صارف کان برانچ مئنيجر 10 لک رپين جي رقم فراڊ ذريعي هڙپ ڪئي هئي. محتسب پنهنجي فيصلي ۾ شهري کي رقم جمع ڪرائيندي ڪوتاهي جو ذميوار قرار ڏنو هو، محتسب رقم ڪيشيئر بدران مئنيجر کي جمع ڪرائڻ، رسيدن ت?? ص??يحن جي حوالي سان ضابطيڪار جي خلاف ورزي تي شهري کي ريليف فراهم نه ڪيو. صدر چيو ته بئنڪنگ قانونن موجب ڪاررواين کي مڪمل ڪرڻ مئنيجر جي ذميواري اهي نه وري اها شهرين جي ذميواري آهي، بئنڪ پنهنجي کاتيدارن جي محنت سان ڪمايل رقم جي ن??هب??ن ۽ امانتدار آهي، بئنڪ ۾ ديانتدار عهديدارن جي مقرري ۾ ناڪام?? ص??رفين جي اعتماد کي ??يس پهچايو آهي. صدر چيو ته فرض جي عدم ادائيگي سان بنا ڪنهن شڪ جي بئنڪ جي ساک کي نقصان پهتو، عملدار پاران بئنڪ برانچ جي اندر دوکيبازي جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. هن چ??و ته بئنڪ ان رقم جي معاملي ۾ ذميواري کان آجي نه ٿي ٿي سگهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئي ته نيشنل بئنڪ حڪمن تي عملدرآمد ڪري ۽ 60 ڏينهن جي اندر وفاقي محتسب کي رپورٽ جمع ڪرائي.