گابڪوچ – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي ضلعي غذ?? جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪ??و. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي غذ?? ضلعي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم غذ?? ضلعي جي علائقي بوبر ۾ ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن جي پونئيرن کي 10، 10 لک رپيا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پاران بوبر ڳوٺ جي بحالي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان کانسواءِ وزيراعظم پاران بوبر ۾ 5 ڪلوميٽر رستي کي پڪو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.