اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف سان سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ واپارين ۽ صنعتڪارن جي هڪ وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ پرائم منسٽ?? ريليف فنڊ ل??ءِ چيڪ پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف پڻ موجود هو. وفد ۾ سيالڪوٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو چيئرمين خواجه ??سع??د اختر، سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر ميان عمران اڪبر، الغازي ٽريڪٽرز جو سي اي او ملڪ احتشام اڪرام ۽ ٻيا صنعتڪار ۽ واپاري شامل هئا. وفد ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ وڏي رقم جو عطيو وزيراعظم کي پيش ڪيو. وفد پاران راشن ۽ ٻين ضرورت جي شين جي صورت ۾ امدادي سامان پڻ ٻوڏ سٽيلن جي ل??ءِ عطيو ڪيو ويو. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته سيالڪوٽ جي واپاري برادري متاثر علائقن جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ جي حڪمت عملي پڻ ٺاهي آهي ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ گهرن جي تعمير جي ل??ءِ پڻ سيالڪوٽ جي واپاري برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم وفد پاران عطيي کي ساراهيندي چيو ته هن آفت کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ هر طبقي جي ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ خاص طور تي واپارين ۽ صنعتڪارن جو تمام اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، قيمتي انساني جانين کانسو??ءِ ٻوڏ پاڻ سان گڏ ??صلن، چوپائي مال ۽ مواصلاتي انفراسٽرڪچر کي پڻ وهائي ويو. هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ سٽيلن کي في خاندان 25 هزار رپيا انتهائي شفاف طريقيڪار جي ذريعي ڏنا پيا وڃن ۽ ان مد ۾ وفاقي حڪومت 70 ارب رپين جي رقم رکي آهي.