اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قابل ت??ديد توان??ئي ئي پاڪستان جو مستقبل آهي، متبادل توان??ئي جو استعمال ڪندي سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي جنهن سان عوام تي مهانگ??ئي جو بار به گهٽ پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار چيني ڪمپ??ي زونرجي جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. وفد جي قيادت ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ زونرجي ڪارپوريشن جي صدر رچرڊ جي گائو ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي درآمدي جو وڏو حصو بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ مهانگو ٻارڻ درامد ڪرڻ ۾ خرچ ٿئي ٿو، ان پرڏيهي ناڻي کي بچائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان قابل ت??ديد توان??ئي جي استعمال طرف وڌون. وزيراعظم چيو ته شمسي توان??ئي منصوبن جي حوالي سان اربع ڏينهن هڪ پري بڊنگ ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين بهترين دوست آهن، چين هر داخلي ۽ پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي حمايت ڪئي ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جيڪو چين جي وسيع تر منصوبي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جو حصو آهي، جي ذريعي چين پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير، صنعت ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان قائداعظم سولر پاور بهاولپور جو 300 ميگاواٽ جو منصوبو رڪارڊ مدي ۾ پورو ڪيو هو ۽ اسان جي اڳتي به اها ئي ڪوشش رهندي ته اسان قابل ت??ديد توان??ئي خاص طور تي سولر، ونڊ انرجي جي حوالي سان سيڙپڪاري کي فروغ ڏيون. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، توان??ئي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي خاص مددگا?? ڊاڪٽر جهانزيب خان، ظفرالدين محمود ۽ فهد حسين شرڪت ڪئي. زونرجي ڪارپوريشن پاران وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ عطيو ڪيو ويو.