اسلام آباد- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق نوابشاهه ۾ ٻوڏ متاثر ريلوي ٽر??ڪ جو معائنو ڪيو. ريلوي، رينجرز ۽ ضلعي انتظاميا جا آفيسر به ان سان گڏ موجود هئا. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڻي جي نيڪ??لي لاءِ ضلعي انتظاميا، رينجرز ۽ پاڪ فوج جي مدد سان گڏيل منصوبو بنايو ويندو، گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ٽريڪ ۽ علائقي مان پاڻي جي نيڪ??لي لاءِ سڀ ممڪن قدم کنيا ويندا ته جيئن جلد کان جلد ريلوي ٽريڪ بحال ٿي سگهي.