بيجنگ_26 آڪٽوبر (اي پي پي) چين پاڪستان جي پوڏ متاثرن لاءِامداد جي نئين کيپ رواني ڪري ڇڏي آهي، چائنا اڪنامڪ نيٽ(ايس اي اين رپورٽ ۾ چيو آهي ته چين جي ريڊ ڪراس سوسائٽي گوانگشسي برانچ پاران 3 لک آر ايم بي ماليت جو عطيو ڪيل انساني امداد پاڪستان جي پوڏ متاثرن لاءِ رواني ڪئي وئي آهي جيڪا سمنڊ رستي ڪراچي بندر پهچندي، کيپ ۾ 4 هزا?? 286 ڪمبل شامل آهن، ان موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ريڊ ڪراس سوسائٽي آف چائنا گوانگ شي برانچ جي ايگزيڪٽو وائس چيئر م??ن وانگ لي پوڏ متاثرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ، چين ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن احمد فاروق آن لائن تقريب ۾ شرڪت ڪئ ۽ گوانگ شي جو شڪريو ادا ڪيو، چين پاران اه?? امداد نيشنل ڊيزاسٽر م??جمنٽ اٿارٽي آف پاڪستان (اين ڊي ايم )کي ملي آهي.