اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود برن سوئٽزرلينڊ ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جو دورو ڪي?? ۽ ??شميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پريس ريليز موجب مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود سوئٽزرلينڊ ۾ مقرر پاڪستاني سفير عامر شوڪت ۽ پاڪستاني ڪميونٽي سان گڏ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪاري ڏينهن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير مولانا اسعد محمود پ??ڪستاني ڪميونٽي ??ي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير مسئلي ک?? هر فورم تي اجاگر ڪنداسين، ڪشميرين تي ڀارت جيڪي ظلم ڪري رهيو آهي ان جو مثال پوري دنيا ۾ نه ٿو ملي.