اسلام آباد– 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف اڄ اڳاري تي ڪوپ 27 جي هائي ليول سيگمنٽ جي ٻئي ڏينهن پنهنجي نارويجين هم منصب سان گڏ ”ڪلائميٽ چينج اينڊ سسٽين ايبلٽي آف ولنر ايبل ڪميونٽيز“ جي عنوان سان اهم رائونڊ ٽيبل جي گڏيل صدارت ڪندو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جو ڪانفرنس آف پارٽيز جي 27 اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ شرم الشيخ مصر جي دوري تي آهي اڄ وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف جرمن چانسلر ۽ گهانا جي صدر جي گڏيل ميزباني ۾ ٿيڻ واري اهم اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو. ان اجلاس جو عنوان ”س??يلنگ اپ ايڪشن اينڊ سپورٽ آن لاس اينڊ ڊيميج _ گلوبل شيلڊ اگينسٽ ڪلائميٽ رسڪ“ آهي. ان کان علاوه وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف ان موقع تي اهم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ب?? ڪندو.