اسلام آباد -23 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ آمريڪا جي ??فير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو ازالو مڪمل طور تي نه ٿي سگهيو، هر ملڪ موسمياتي تبديلي جي ??طرن جي ور چڙهيل آهي اهو ئي سبب آهي ته اسان هڪ سبز اتحاد جي قيام جي ??ريعي پاڪستان ۾ موسيماتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي ??لاحيت ۾ اضافي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا جي ??وري دوران هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آمريڪي سفير ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان پڻ ملاقات ڪئي. آمريڪي سفير صوبي ۾ موسمياتي تبديلي جي ??ثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ۾ مصروف مقامي حصيدارن، اعليٰ تعليمي ادارن جي نمائندن، مقامي غير سرڪاري تنظيمن جي ??ڳواڻن ۽ افغان پناهگيرن سان پڻ مليو. پنهنجي ??وري جي موقعي تي هن پاڪستان ۾ موسيماتي تبديلي جي ??ثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مختلف شراڪتدارن تي مشتمل هڪ سبز اتحاد جي قيام تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي هن اعليٰ تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ??ريعي معاشي ترقي جي فروغ لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط تعاون جي ??هيمت کي پڻ اجاگر ڪيو. اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني مان جاري هڪ پريس رليز موجب ڪوئيٽا ۾ سفير بلوم عوامي وڻڪاري مهم ۾ شرڪت ڪندي هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو. واضح رهي ته هي سرگرمي مستقبل ۾ شهرن ۾ وڻ پوک?? جي هڪ منصوبي جي ڪڙي آهي ۽ نوجوان ڪارڪنن جي ??ربراهي ۾ شروع ڪيل هن منصوبي جو مقصد موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، موسمياتي خطرن جي ??اري ۾ آگاهي ۽ موسمياتي تبديلين خلاف معاشي لچڪ کي سگهه ڏيڻ ۽ هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي جتي وسيع معاشرتي ڀلائي لاءِ مختلف گروهن کي ويجهو آڻي سگهجي. تقريب کي خطاب ڪندي سفير بلوم چيو ته آمريڪي حڪومت بلوچستان سميت سڄي پاڪستان ۾ هلند?? سال ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ضرورتمند ماڻهن ۽ آبادين ۾ 9 ڪروڙ 70 لک ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي ??مداد فراهم ڪئي آهي.