اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ مقرر افغانستان جي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري چمن اسپن بولدڪ جي علائقي ۾ افغان بارڊر سيڪيورٽي فورسز پار??ن اشتعال انگيز گولاباري جي تازن واقعن تي پاڪستان پاران سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ جاني نقصان ۽ ماڻهن ج?? زخمي ٿيڻ کانسواءِ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته شهرين جو تحفظ ٻنهي ڌرين جي ??مي??اري آهي ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ ضروري آهي، ان سلسلي ۾ قائم اداراجاتي مڪينزم کي استعمال ڪر?? تي اتفاق ڪيو ويو. بيان موجب پاڪست??ن افغانستان ڀائراڻا لاڳاپا برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پاڪ افغان سرحد تي امن ان مقصد جي لاءِ بنياد آهي.