اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي شهزادي ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي امداد جي اعلان تي سندس ٿورا مڃي ٿو. پاڪستان ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ سعودي عرب جي امداد کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظها?? وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سعودي فنڊ جي 4 رڪني وفد سان اسلام آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو. وفد جي سربراهي سعودي فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان المرشد ڪري رهيو هو. وزيرا??ظم پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي امداد جي اعلان تي سعودي عرب جي عوام ۽ حڪومت جا دل سان ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي وزيرا??ظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا به خصوصي ٿورا مڃيا. ملاقات دوران پاڪستان ۾ سعودي عرب جي مختلف ترقياتي منصوبن جو به جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير محمد اسحاق ڊار، قانون وارو وزير سينيٽر ا??ظم نذير تارڙ، وزيرا??ظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا.