اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽت??ئي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سزائن ۾ گهٽت??ئي جو اطلاق قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين ۽ دهشتگردي سميت سنگين نوعيت جي ڏو??ن ۾ سزايافته قيدين تي نه هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌر??ئي موجب سزائن ۾ گهٽٽ??ئي جو اطلاق زنا، چوري، ڦر، اغوا، مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نق??ان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به نه هوندو. پڌر??ئي موجب سزائن ۾ گهٽت??ئي جو اطلاق 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي قيدين ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين تي هوندو جيڪي هڪ ڀاڱي ٽيون حصو قيد ڪاٽي چڪيون هجن. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽٽ??ئي جو فيصلو لاڳو ٿيندو. صدر سزائن ۾ گهٽت??ئي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي.