اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي سان واڳيل آهي، قومي سياسي قيادت بلوچستان جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي رهي آهي، صوبي جا سمورا مسئلا ۽ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو رياست جون سموريون لاڳاپيل ڌريون گڏجي ويهي حل ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي شاگردن جي شڪ??يتن جي حوالي سان قائم ڪيل ڪميشن جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ڪميشن وز??را??ظم کي بلوچستان سان تعلق رکندڙ شاگردن جي شڪ??يتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان ڪميشن پاران جوڙيل رپورٽ تي بريفنگ ڏني. وز??را??ظم ڪميشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته بلوچ شاگردن جي شڪ??يتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان رپورٽ انتهائي جامع آهي ۽ انتهائي ايمانداري ۽ سنجيدگي سان جوڙي وئي آهي. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته وفاقي ۽ صوبائي ادارا رپورٽ ۾ ڏنل تجويزن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته بلوچ شاگردن جا مسئلا ۽ شڪ??يتن جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته بلوچ شاگرد پاڪستان جو اثاثو آهن ۽ انهن جي ڀلائي ۽ خوشحالي ۾ ئي پاڪستان جي ترقي آهي. وز??را??ظم چيو ته قومي سياسي قيادت بلوچستان جي عوام کي امن، دوستي ۽ خوشحالي جو پيغام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان جا سمورا مسئلا خا?? طور تي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو رياست جون سموريون ڌريون گڏجي ويهي حل ڪن. هن وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان آئين ۽ قانون جي دائري جي اندر رهندي مناسب قدم کنيا وڃن. هن چيو ته حصيداري ۽ پارٽنرشپ جي حڪمت عملي اختيار ڪري قومي اتحاد ۽ ترقي يقيني بڻائي سگهجي ٿي. وز??را??ظم چيو ته بلوچستان جي ترقي سان پاڪستان جي ترقي واڳيل آهي. هن هدايت ڪئي ته بلوچستان جي ترقي جي لاءِ ترقياتي فنڊز جي فراهمي ممڪن بڻائي وڃي. وز??را??ظم چيو ته عورتن ۽ معاشري جي محروم طبقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ ڪميشن جي ڪنوينر قومي اسيمبلي ميمبر سردار اختر مينگل ۽ ميمبرن سينيٽر مشاهد حسين سيد، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، افراسياب خٽڪ، ناصر محمود کوسا، ميجر (ر) حسنين ايڊيشنل سيڪريٽري سينيٽ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وز??را??ظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. بلوچستان جي شاگردن جي شڪ??يتن جي حوالي سان ان ڪميشن جو قيام اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ سيپٽمبر 2022ع ۾ عمل ۾ آيو هو.