اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 ??? 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پ??وگ??ام (پي ايس ڊي پي) ۾ پاڻي وسيلن واري ڊويزن جي هائيڊل منصوبن جي 13 جاري اسڪيمن تي 80 ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا ويندا. جاري ٿيندڙ پي ايس ڊي پي 24 ??? 2023ع موجب بجيٽ ۾ ورسڪ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور اسٽيشن جي لاءِ 2 ارب 58 ڪروڙ 60 لک رپيا، تربيلا فائيو توسيع پن بجلي منصوبي جي لاءِ 4 ا??ب 44 ڪروڙ 94 لک رپيا، تربيلا فور توسيع منصوبي جي لاءِ 59 ڪروڙ رپيا، نيلم جهلم پن بجلي منصوبي جي لاءِ 4 ارب 82 ڪروڙ 80 لک رپيا، منگلا پاور اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جي لاءِ 4 ارب 21 ڪروڙ رپيا ۽ داسو پن بجلي منصوبي جي لاءِ 58 ارب 59 ڪروڙ 70 لک رپيا رکيا ويا آهن.