اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته سام??نڊ?? طوفان ??ان ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر علائقن بابت خدش?? تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر حڪمت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل علائقن مان عوام جي وقت سر محفوظ علائقن ۾ منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٽيليفون ڪيو ۽ سام??نڊ?? طوفان جي حوالي ??ان تازه ترين صورتحال ۽ قدم?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير جي سام??نڊ?? طوفان جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳواٽ انتظامن کي ساراهيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سام??نڊ?? جهازن، مُهاڻن، سام??نڊ?? انفراسٽرڪچر، ٻوڏ جي خطري، ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر علائقن بابت خدش?? تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر حڪمت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل علائقن مان عوام جي وقت سر محفوظ علائقن ۾ منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم کي لاڳاپيل علائقن ۾ عو??م کي اڳواٽ خبردار ڪرڻ ۽ اطلاع پهچائڻ جي حوالي ??ان قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هنگامي صورتحال ۾ ضروري سامان، اوزارن ۽ ٻين لاڳاپيل شين جي اڳواٽ انتظام?? تي پڻ آگاهي حاصل ڪئي ۽ مڪمل نگراني رکڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته وفاق جي انتظام هيٺ سمورا ادارا عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي مدد جي لاءِ هر وقت تيار رهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف جي جذبي ۽ فڪرمندي تي ان جا ٿورا مڃيا.