اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اليونٿ ايونيو منصوبي جي پيڙهه رکي ڇڏيو. 7.2 ڪلوميٽر جو اهو ??نصوبو ٻن مرحلن ۾ 16 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب سان گڏ اليونٿ ايوينيو منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جا اڳوڻا ميمبر حنيف عباسي، ملڪ ابرار، انجم عقي?? خان، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم کي اليونٿ اوينيو منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته ان منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 4.20 ڪلوميٽر رستو تعمير ڪيوويند??، ان ۾ ٻه انٽرچينج ۽ ٻه فلائي اوور شامل آهن. ٽن ڦاڪن واري رستي تي 9 ارب رپيا لاڳت ايندي. پهريون مرحلو هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندو. ٻئي مرحلي ۾ ٽي ڪلوميٽر ڊگهو رستو تعيمر ٿيندو جنهن ۾ ٻه انڊر پاس ۽ ٻه انٽرچينج شامل آهن. ٻئي مرحلي جي مڪمل ٿيڻ ۾ به هڪ سال لڳندو. اهڙي طرح اهو ??نصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندو. ٻئي مرحلي تي 7 ارب رپيا لاڳت ايندي. ان منصوبي تي ريلوي ٽريفڪ جنڪشن ۽ آءِ جي پي روڊ تي انٽرچينج ۽ فلائي اوور تعمير ڪيا ويندا. اليونٿ ايوينيو تي خيابان اقب??ل، ابن سينا، سري نگر هاءِ وي تي انٽرچينج ۽ فلائي اوور تعمير ٿيندا.