اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته اڳوڻي حڪومت ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي اث??ثن کي نيلام ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو، اسان اقتدار ۾ اچي قومي اث??ثن کي عوام جي لاءِ استعمال ڪيو، انهن کي نيلام نه ڪيو، اڳوڻو اطلاعا?? وارو وزير هر شيءَ کي وڪڻي ڇڏيو جي پاليسي کڻي آيو هو، اسان پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان کي ۾ معاشي بحالي جو منصوبو شروع ڪيو، پي ٽي وي هلندڙ سال رڪارڊ 5.5 ارب رپين جو رڪارڊ منافعو ڪمايو، پي ٽي وي پشاور، ملتان ۽ ڪراچي تان علائقائي زبانن جي نشريات 24 ڪلاڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، ريڊيو پاڪستان ۾ 12 نوان اسٽوڊيوز قائم ڪيا آهن، ريڊيو پاڪستان جي عمارتن جي حدن ۾ عوام کي سستي تفريح جي فراهمي لاءِ نوان سئنيما هائوسز ٺاهيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرپرسن جويريه ظفر آهير ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن کانسواءِ اطلاعا?? واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، ڊي جي پيمرا سميت اطلاعا?? واري وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت 2018ع ۾ ريڊيو ۽ پي ٽي پي کي پرائيويٽ ڪرڻ جي لاءِ ان جي اث??ثن کي نيلام ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو، اسان انهن ادارن ۾ معاشي بحالي جي منصوبي جي شروعات ڪئي. هلندڙ سال پي ٽي وي 5.5 ارب رپين جو رڪارڊ منافعو حاصل ڪيو، پي ٽي وي جي ان آمدني جي ڏس ۾ اسان سمورن ڪانٽريڪٽ ملازمن کي ريگيولر ڪيو. هن چيو ته پي ٽي وي پشاور سينٽر تان علائقائي زبانن جي نشريات کي 24 ڪلاڪ ڪري ڇڏي?? آهي، اهڙي طرح پي ٽي وي لاهور جي سمورن اسٽوڊيوز کي اپ گريڊ ڪيو وي?? آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ورچوئل جو اسلام آباد سينٽر ۾ اسٽوڊيو قائم ڪيو وي?? آهي جڏهن ته ملتان ۾ سرائيڪي زبان ۾ نشريات کي 24 ڪلاڪ شروع ڪي?? آهي. هن چيو ته پي ٽي وي پشاور سينٽر تان پشتو زبان جي نشريات جو وقت 24 ڪلاڪ ڪيو وي?? آهي، اهڙي طرح سنڌي زبان ۾ نشريات پي ٽي وي ڪراچي تان 24 ڪلاڪ نشر ڪئي پئي وڃي. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي اڪيڊمي ۾ پي ٽي وي فلم انسٽيٽيوٽ جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان اڪيڊمي ۾ م??ڊي?? جي ماڻهن لاءِ ڪورسز شروع ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ معاشي بحالي جو سفر جاري آهي، ريڊيو پاڪستان لاهور ۽ پشاور جي حدن ۾ سئنيما قائم ڪيون پيُون وڃن جن جي پيڙهه جو پٿر رکيو وي?? آهي. ان کانسواءِ ريڊيو پاڪستان اسلام آباد ۾ 12 نوان اسٽوڊيوز قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 9 مئي تي ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت کي ساڙيو ويو، ان جا سمورا آرڪائيوز سڙي ويا هئا، اسان ان عمارت جي بحالي ۽ رنگ روغن جي منصوبي جي شروعات ڪئي آهي. ان کانسواءِ ريڊيو پاڪستان جي سمورن آرڪائيوز کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جو ڪم پڻ شروع ڪيو وي?? آهي. فلم پاليسي جو ذڪر ڪندي اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت پهريون ڀيرو 18 – 2017ع ۾ فلم پاليسي جو بنياد رکيو، هن سال بجيٽ ۾ ان پاليسي جي لاءِ رقم به رکي وئي. هن چيو ته فلم پاليسي ۾ فلم سازن ۽ ٻين ڌرين جي لاءِ مراعتن جو اعلان پڻ ڪيو وي?? آهي. هن چيو ته فلم واحد صنعت آهي جيڪا ٽيڪس فري آهي. فلم پاليسي تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏي?? آهي، ان جو ويزن رڳو فلم کي سگهه ڏيڻ نه پر اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي ملڪ جي بيانيي ۽ تشخص کي به اجاگر ڪرڻ آهي. هن چيو ته فلم جي شعبي کي انڊسٽري جو درجو ڏنو وي?? آهي ته جيئن نوجوان ان شعبي جو حصو بڻجي سگهن. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته فنڪارن ۽ صحافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس جي پڻ شروعات ڪئي پئي وڃي. وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ مجموعي طور تي 3 ارب رپين جا ??نڊ?? رکيا ويا آهن. هن چيو ته گذريل 14 مهينن دوران ڏينهن رات محنت ڪري انهن منصوبن کي پڄاڻي تائين پهچايو. اسان اقتدار ۾ اچي قومي اث??ثن کي عوام جي لاءِ استعمال ڪيو، انهن اث??ثن کي نيلام ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي جڏهن ته اڳوڻو اطلاعا?? وارو وزير هر شيءَ کي وڪڻي ڇڏيو جي پاليسي کڻي آيو هو. هن چيو ته اڄ قومي نشرياتي ادارا بهتر طريقي سان عوام کي اطلاعات جي فراهمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.