اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) چين جي ميڊيا جي وفد سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد جو دورو ڪيو، هي تقريب سي پيڪ منصوبن خاص طور تي گرين لائين ٽرين جي 10 سالا تقريبن جي سلسلي ۾ منعقد ڪئي وئي. وفد ٽرين ۾ اس??عمال ٿيندڙ جديد چيني ٽيڪنالاجي ۽ مهارت کي ساراهيو. ان موقعي تي پا??ست??ن ريلوي پاران ٽرينن ۾ چين پاران فراهم ڪيل جديد ٽيڪنالاجي جي حوالي سان وفد کي بريفنگ ڏني وئي. پا??ست??ن ريلوي پاران وفد کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ٽرين ۾ ايئرڪنڊيشنڊ (اي سي)، بزنس ڪلاس جون ٻه بوگيون، پارلر جي هڪ ڪوچ، ٻه اي سي اسٽ??نڊ??ڊ ۽ اڪانومي ڪلاس جون ٻه بوگيون شامل آهن. هن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وڌيڪ ماڻهو گرين لائين ٽرين جي بهتر معيار جي ڪري ان تي لاهور ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سفر کي ترجيح ڏين ٿا، ٽرين جي وقت تي سختي سان پابندي ڪئي پئي وڃي.
ريلوي عملدارن پاران ٻڌايو ويو ته ريلوي واري وفاقي وزير پا??ست??ن ريلوي کي گرين لائين ٽرين جي سفر جي وقت کي 23 ڪلاڪن کان گهٽ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي جنهن سان مسافرن جو پا??ست??ن ريلوي تي اعتماد بحال ٿيندو. چيني ميڊيا جي وفد کي ٻڌايو ويو ته گرين لائين ٽرين ۾ بهترين سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اعليٰ معيار جي کاڌي جي فراهمي ۽ ٽڪيٽ جي قيمت کي مناسب سطح تي رکڻ شامل آهي. ان کانسواءِ اي سي پارلر جي هر سيٽ تي هڪ جدا ايل سي ڊي هنئي ويندي ته جيئن مسافر هيڊ فون جي ذريعي پنهنجي پسنديده وڊيوز ۽ پروگرامن مان لطف اندوز ٿي سگهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽرين نان اسٽاپ آهي جيڪا ڪراچي ۽ لاهور جي وچ ۾ رڳو خانيوال، بهاولپور، حيدرآباد ئي رڪي ٿي. هي ٽرين 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلڻ جي صلاحيت رکي ٿي، راولپنڊي کان لاهور پهچڻ کانپوءِ ان ۾ وڌيڪ 9 ڪوچز جو اضافو ڪيو وڃي ٿو جنهن کانپوءِ اها ٽرين 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي ٿي. وفد گرين لائين ٽرين جي ڪارڪردگي ۽ ان ۾ مسافرن جي لاءِ فراهم ڪيل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ پا??ست??ن ريلوي پاران مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ريلوي اسٽيشن تي چيني ميڊيا جي وفد جو اس??قبال ڪيو. ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ پا??ست??ن ريلوي انعام الله وفد جو اس??قبال ڪيو ۽ پا??ست??ن ريلوي پاران يادگاري شيلڊز پيش ڪيون ويون. هن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تحت پا??ست??ن ريلوي جي مستقبل جي منصوبن کان پڻ وفد کي آگاهه ڪيو.