مظفر آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري جي ڪال تي 27 آڪٽوبر جمعي ڏينهن پوري دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائيندي احتج??جي مظاهرا ڪيا ويندا. ان حوالي سان رياست آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري اعلان ڪيو آهي ته س??دس سڏ تي 27 آڪٽوبر جمعي ڏينهن نيويارڪ، لنڊن?? برسلز، جنيوا، پيرس?? برلن، ڊب??ن ۽ دنيا ۾ ٻين جاين تي رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري زبردست احتج??جي مظاهرا ڪيا ويندا، ان سلسلي ۾ سموري??ن تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ انهن احتج??جي مظاهرن ۾ ڀارت ۽ مودي جي مڪروهه چهري کي دنيا آڏو بي نقاب ڪيو ويندو.