اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل ع??اس جيلاني سان جرمني جي سفير الفريڊ گراناس ملاقات ڪئي. پرڏيهي آف??س موجب هن ٻطرفن ??اڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.