اسلام آباد-15 نومبر(اي پي پي) ناڻي، محصولات ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ رياستي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪميٽي جي سمور?? ميمبرن سان گڏ ايس اي سي پي جو چيئرمين، وفاقي سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي گذريل گڏجاڻي جي هدايتن موجب رياستي ملڪيتي انٽر پرائيزز(ملڪيت ۽ انتظام) پاليسي 2023ع، ڪميٽي جي ميمبرن کان مليل تاثرن کي شامل ڪرڻ بعد جائزي لاءِ ٻيهر ڪميٽي وٽ جمع ڪرائي. ڪميٽي جي مسودي ۾ شامل تبديلين جو جائزو ورتو ۽ ڪابينا جي منظوري لاءِ نظرثاني ٿيل پاليسي جي سفارش ڪئي. هي پاليسي رياستي ملڪيت واري ڪاروباري ادارن (گورننس اينڊ آپريشنز) ايڪٽ 2023ع ?? بيان ڪيل وسيع تر مقصدن موجب رياستي ملڪيت وارن ادارن جي حڪمراني ۽ آپريشنز کي وڌائڻ طرف هڪ اهم قدم جي نشاندهي ڪري ٿي.