اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته هلندڙ هفتي کان سينيئر آمريڪي عملدارن جي پاڪستان جي دورن جو سلسلو ??اري آهي، ان ۾ آبادي، پناهگيرن ۽ مائيگريشن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري جوليٽا والس نوائس، افغانستان بابت خصوصي نمائندي ٽام ويسٽ ۽ پ??نسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبٿ هورسٽ جا دورا شامل آهن. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهي دورا آم??يڪ?? سان افغانستان جي صورتحال سميت ڪيترن ئي مسئلن تي جاري ڳالهه ٻولهه جو حصو آهن پ?? ان تائين محدود نه آهيون. هن چيو ته پاڪستان آم??يڪ?? سان مستقل رابطي ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پرعزم آهي.