ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪار??ل جي پاڪستان سان زرعي ??عب?? ۾ تعاون ۽ پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو آهي ۽ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قدمن کي اجاگر ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪار??ل جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برائن سائيڪس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڪار??ل جي پاڪستان سان زرعي ??عب?? ۾ تعاون ۽ پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ قدمن تي روشني وجهندي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي قيام ۽ گهٽ عرصي ۾ ان جي مختلف ??عب?? ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ قدمن ۽ ان جي مثبت نتيجن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نگران وزيراعظم حڪومت جي غذائي تحفظ جي لاءِ قدمن خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت زرعي ??عب?? ۾ جدت جي قدمن تي پڻ روشني وڌي. برائن سائيڪس مختلف ??عب?? خاص طور تي زراعت ۽ غذائي تحفظ جي ??عب?? ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران فراهم ڪيل سهولتن کي ساراهيو.