اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) افغانستان جي لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو سفير آصف دراني 18 ۽ 19 فيبروري تي قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ افغانستان جي لاءِ خصوصي ايلچين جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي ??فيس پاران جاري بيان موجب اهو اجلاس گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران گهرايو ويو آهي ??ه جيئن افغانستان سان عالمي مشغوليت جي طريقن تي وڌ??ڪ ٺوس ۽ منظم انداز ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. بيان موجب اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت افغانستان ۾ پائيدار ا??ن ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪو??شن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن سميت عالمي برادري سان فعال طور شامل ٿيڻ جي اسان جي ڪو??شن جو حصو آهي.