اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان بئنڪ??گ محتسب سراج الدين عزيز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بئنڪ??گ محتسب صدر کي اداري جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. ايوان صدر جي پريس و??گ موجب صدر بئنڪنگ صارفين کي 1.26 ارب ر??ين جو مالي ريليف فراهم ڪرڻ تي بئنڪ??گ محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته سال 2023ع ۾ بئنڪ??گ محتسب جو 25 هزار کان وڌيڪ شڪايتن تي ڪارروائي ڪرڻ خوش آئنده آهي. صدر اداري جي قيام کان وٺي هيستائين شڪايت ڪندڙن کي 6.4 ارب جو مجموعي ريليف ??يڻ تي پڻ ساراهيو. صدر بئنڪ فراڊ متاثرين کي فوري انصاف جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بئنڪ??گ محتسب ماڻهن کي بنا قيمت انصاف جي فراهمي، گڊ گورننس جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، شڪايت?? جي جلد ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، بئنڪ?? جي بدانتظامي جي خلاف بئنڪ??گ محتسب جي ڪردار ۽ خدمتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي، بئنڪ??گ محتسب بابت آگاهي سان وڌ کان وڌ ماڻهو خدمتن مان فائدو کڻي سگهندا. ملاقات ۾ بئنڪ??گ محتسب بئنڪ صارفي?? جي شڪايت?? جي فوري ازالي جي لاءِ بئنڪ??گ محتسب جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته بئنڪ??گ محتسب تازو ئي آن لائين پورٽل جو صارف دوست نظام متعارف ڪرايو آهي، آن لائين پورٽل سان شڪايت ڪندڙن کي پنهنجي شڪايت?? جي داخلا ۾ آساني ٿيندي.