اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڏاوتن جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ڇو ته اڏاوتن جي شعبي جي ف??وغ سان جتي ان شعبي سان واڳيل 40 جي لڳ ڀڳ وڏين صنعتن کي ف??وغ ملندو، اتي معاشي عمل تيز ٿيندو ۽ نوجوانن ۽ هنرمندن کي نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا ميسر ايندا، وزيراعظم صوب??ئي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته اڏاوتن جي شعبي سان لاڳاپيل صوب??ئي ٽيڪسز کي ممڪن حد تائين گهٽ ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي ته جيئن اڏاوتن جي شعبي کي ف??وغ ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڏاوتن جي شعبي جي ف??وغ، نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ گهرن جي تعمير خاص ??ور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجي ذاتي ڇت جي ف??اهمي جي حوالي سان حڪومتي منصوبي ۾ هيستائين جي اڳڀر??ئي جو جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.