اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فرودس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ سموريون اتحادي پارٽيون ملڪي ترقي ۽ عو??مي خوشحالي جي قومي ايجنڊا تي متف?? آهن، اتحاد ۽ يڪجهتي سان هر محاذ تي پاڪستان جي مفادن جي تحفظ ڪنديون، اتحادين کي گڏ کڻي هلنداسين، قومي ترقي جو عمل انهن کي اعتماد ۾ وٺي مشاورت سان اڳتي وڌائينداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته موقف جي اختلاف تي مخالف ڌر ۾ خوش ٿيندڙن جي اميدن تي هڪ دفعو ٻ??هر پاڻي ڦرڻ وارو آهي.