اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قري??ي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ سعودي پرڏيهي آفيس جو دورو ڪيو، سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پا??ان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ اوڀر ۾ موجود ڇڪتاڻ ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.