اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي وسيع تر مفاد، جمهوريت جي تسلسل، معاشي ۽ سياسي استحڪام لاءِ اتحادي پارٽين جي تعاون تي ٿورو ا??ا ڪندي اتحادين سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هر ممڪن قدم کڻ?? جي عزم جو ا??هار ڪيو آهي، وزيراعظم عوامي مفاد ۾ قانونسازي تي اطمينان جو ا??هار ڪيو ۽ قانونسازي لاءِ قائم ڪميٽي کي هدايت ڏني ته عوامي رليف ۽ مشڪلاتن جي ازالي لاءِ قانونسازي سميت احتساب آرڊيننس ۽ مخالف ڌر جي ترميمن کي باريڪ بيني سان ڏسي، ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس جي حڪومتي عزم کي سامهون رکندي قانونسازي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ مشاورت جي ذريعي قانونسازي جي عمل کي اڳتي وڌايو وڃي، وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته ڪنهن به طرح اسان پنهنجي ادارن جي ساک کي مجروح ڪرڻ نه ڏينداسين، پاڪستاني فوج ۽ قومي سلامتي جا ادارا اسا?? جو فخر ۽ وقار آهن، ڪور ڪميٽي ڀارتي فضا ۾ مسلمانن جي سان جڙيل نفرت تي خدشن جو ا??هار ڪيو . هو پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهو هو.